بجلي پرکڻو

بجلي پرکڻو: هيءُ پرکڻو اهڙو اوزار آهي، جنهن سان بجليءَ جي ڀرتي معلوم يا چڪاس ڪري سگهجي ٿي. اهو پتل جي لٺ جو ٺهيل آهي، جنهن جي مٿئين ڇيڙي تي ٿالهي يا گولو ٺهيل آهي ۽ هيٺئين ڇيڙي تي ٻه سنها سونا ورق لڳل آهن. بجلي پرکڻي ۾ اليمونيم جا ورق، سون جي ورقن بدران پڻ استعمال ڪيا ويندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو